خضر حيات خان، سردار

خضر حيات خان، سردار

خضر حيات خان سردار

خضر حيات خان، سردار: سياستدان ۽ قانوندان خضر حيات خان، جو جنم 1933ع ڌاري لاهور ۾ ٿيو. 1953ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان بي. اي ۽ پوءِ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ چڪوال ۾ وڪالت ڪيائين. 1958ع ۾ سرڪاري وڪيل ٿيو، 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي صنعتي ۽ قدرتي وسيلن جو پارلياماني سيڪريٽري ٿيو. ان سال دولت مشترڪه جي اجلاس ۾، ڪولالمپور ۾، پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪيائين. 1964ع ۾ آمريڪا ويو. 1965ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1970ع جي عام چونڊن ۾ ڪنوينشن مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي جهلم مان قومي اسيمبليءَ جي اميدوار طور ناڪام ٿيو. 1976ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. پاڪستان قومي اتحاد (P.N.A) جي تحريڪ دوران ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جي پاليسين سان اختلاف رکڻ ڪري، قومي اسيمبليءَ جي ميمبر جي حيثيت سان دستبردار ٿيو. هن 1993ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو